مخدوم محمد اسماعيل سومرو

مخدوم محمد اسماعيل سومرو : مخدوم محمد اسماعيل سومرو ترخان دؤر ۾ اگهم ڪوٽ جو ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس دؤر ۾ اهو ماڳ اگهم ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو. عربن جي دؤر کان اڳ ان جاءِ تي قلعو اڏيل هو، جنهن جا نشان اڄ به موجود آهن. هن وقت اهو ماڳ ’اگها ماڻي جي مقام‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. مخدوم محمد اسماعيل شاهوڪار ۽ سخي هو. وٽس ڪيترا ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جن لاءِ هر وقت لنگر جاري رهندو هو، پاڻ هميشه جون جي ماني کائيندو هو. سندس مريدن ۾ پاٽولي ذات وارن جو گهڻو تعداد هو. مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻي به وڏي بزرگ هوندي هئي. هن بزرگ 1579ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار اگهاماڻيءَ جي مقام ۾آهي. سندس مزار تي مجاور ميان ذات جا آهن، جيڪي جوڻ ۽ تح باغ کان لڏي اگهاماڻيءَ ۾ سڪونت پذير ٿيا.


لفظ مخدوم محمد اسماعيل سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو